ڪراچي پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي سينٽرل ضلعي پوليس پاران منشيات فروش ماوا گٽڪا فروشن جي خلاف ڪاروايون جاري مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران ايس ايس پي سينٽرل ملڪ مرتضي جي حڪم تي ڪارروائي ڪندي ماوا گٽڪا فروش منشيات فروش اسٽريٽ ڪرمنل ڏوهاري جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان چرس، اسلحو، ماوا گٽڪا ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪل برآمد ڪئي وئي سمن آباد پوليس مشراج ولد يوسف کي گرفتار ڪري 60 پڙيون ھيروئن ۽ روڪ رقم برآمد ڪئي، نيو ڪراچي پوليس عمران ولد عثمان، محمد بلال، ناظم آباد پوليس حينف ولد عبدالله، عبدالغفار ولد محمد قاسم کي گرفتار ڪيو، حمزہ ولد رفيق، جواد ولد شاھرس، شاهراهه نور جهان پوليس ڪارروائي ڪندي محمد اسحاق عرف ميچڪ، گلبهار پوليس ڪارروائي ڪندي فياض عرف چاپي ولد رياض خان ۽ ٻين جوابدارن کان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪري ورتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.