سنڌ ۾ طاقتور ماڻهن هٿان نوجوان ۽ عورت قتل ٿي: فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اندرون سنڌ مان سوشل ميڊيا تي جهڙي طرح لڳاتار واقعا اچي رهيا آهن، ائين لڳي ٿو سنڌ ۾ قانون جي ڪا اهميت ئي نه آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته طاقتور ماڻهن جي شڪار جي وڊيو ۽ هاڻي لاچار عورت جو قتل، بلاول صاحب هي ڇا رهيو آهي؟ توهان جا ويجها ماڻهو انهن واقعن ۾ ملوث آهن، اهڙي طرح انسانيت کي نه لتاڙيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي وڊيوز اچي رهيون آهن، سنڌ ۾ ڏينهن ڏٺي ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، ڪٿي شڪار جي وڊيوز ٺاهڻ تي قتل ٿي رهيا آهن ۽ ڪنهن جڳهه تي عورتون قتل ٿي رهيون آهن، ائين لڳي ٿو سنڌ ۾ پوليس نالي جي ڪا شيءَ ئي نه آهي. هن چيو ته ميڊيا کي به ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وڌو وڃي ته اها اهڙي واقعن جي آزاداڻي جاچ ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.