پ پ ايم پي اي ماڻهو ماري رهيا آهن: ارباب رحيم

حيدرآباد(رپورٽر) وزيراعظم جي خاص معاون پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائندن هٿان سنڌ ۾ بيگناھ ماڻهن جي قتل عام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ قتل جو راڪاس لامارا ڏئي رهيو آهي، حڪومت ۾ موجود نمائندن طرفان ڪراچي ۾ ناظم جوکيو ۽ قمبر ۾ فهميده سيال خيرپور ۾ به هڪ عورت کي بيگناھ بيدرديءَ سان قتل ڪري پيپلزپارٽي بربريت جو هڪ انوکو مثال قائم ڪيو آهي، هڪ  هن چيو ته پيپلزپارٽي جا ايم پي اي پنهنجي هٿن سان سنڌ جي ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻائي رهيا آهن، عوام جو احتجاجن رستن تي اچي احتجاج ڪرڻ کانپوءِ مشڪل سان سندن ڪيس ته داخل ڪيو وڃي ٿو، پر قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو نالو نشان ئي ناهي، سنڌ حڪومت ۽ پوليس ماڻهن جي بيگناھه قتل ٿيڻ تي خاموش تماشائي بڻيل آهي، اهو 18 هين ترميم جو عوام کي ڏنل تحفو آهي جو سنڌ حڪومت عوام سان ڀلي پئي رت جي راند کيڏي پر 18 هين ترميم تحت ڪير به سنڌ حڪومت کي ٽوڙي ختم ڪري نٿو سگهي جمهوريت جي ڪوڙي دعويدار پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت کي ڪرپشن ذريعي مال ڪمائڻ ميڙڻ ۽ بيگناھ ماڻهن کي قتل ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪم نه آهي، سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت اڳيان لاچار ۽ بيوس بڻجي ويو آهي، هاڻي سنڌ جي عوام کي پيپلزپارٽي جي ڪريل حرڪتن ظلم ۽ زيادتين خلاف اٿي کڙو ٿيڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.