سنڌ ۾ 3 شگر ملز بند ۽ پنجاب جي شگر ملن جي ذخيره اندوزي سبب کنڊ اگهه وڌيا: وزيراعظم

اٽڪ (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته کنڊ جي قيمت هڪدم سان 140 تائين پهچي وئي آهي، پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته سنڌ ۾ 3 شگر ملز بند ڪيون ويون آهن جنهن جي ڪري پنجاب جي شگر ملز ذخيره اندوزي شروع ڪري ڇڏي، شگر ملن اسٽي آرڊر وٺي رکيا آهن، حڪومت ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ مهانگائي آهي، پاڪستان به ان کان متاثر ٿيو آهي، عام ماڻهو کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، 13 ڪروڙ ماڻهن کي احساس راشن پروگرام تحت ضرورت جي شين تي سبسڊي ڏينداسين، شگر ملز اسٽي آرڊر وٺي رکيا آهن، ملون بند ۽ ذخيره اندوزي جي ڪري کنڊ جي قيمت وڌائي آهي، پنجاب حڪومت فوري طور تي اسٽي آرڊر ختم ڪرائي، مارچ تائين پنجاب ۾ هر شهري وٽ هيلٿ ڪارڊ هوندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ماءُ ٻار اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته  اسان جو مقابلو مافياز سان آهي، ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڪنهن به حڪومت غريبن جي لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو جيترو اسان ڪري رهيا آهيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.