بڊاڻي: انتظاميا جي بي ڌياني سبب گورنمينٽ گرلس اسڪول ڪيترن ئي سالن کان بند پيل

ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تيار ڪيل بڊاڻي شهر  جو گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول انتظاميا جي بي ڌياني سبب ڪيترن ئي سالن کان بند هجڻ سبب شاگردياڻين جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو.

اسڪول ۾ مقرر عملو گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳو جڏهن ته صفائي سٿرائي نه هجڻ ڪري گندگي اسڪول گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي.

ان حوالي سان شهرين ۽ شاگردياڻين احتجاج ڪندي چيو ته گورمنٽ گرلس مڊل اسڪول گذريل ڪيترن سان کان بند پيل آهي، پر انتظاميا جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، اسان جون نياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن.

شهرين ۽ شاگرياڻين سنڌ جي تعليم واري وزير،  ڊي سي ڪشمور ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسڪول کي فعال ڪري تعليمي سرگرميون شروع ڪرائي نياڻين جو مستقبل بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.