تلهار: موٽرسائيڪل سوار ماءُ پٽ حادثي جو شڪار، ماءُ فوت پٽ زخمي

تلهار ڀرسان موٽرسائيڪل سوارن مٿان ڪوئلي سان ڀريل ٽرالر چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ نوجوان زخمي ٿي پيو.

تلهار ڀرسان ميان پوٽا اسٽاپ وٽ بدين مان مائٽن جي فوتگي تي آيل موٽرسائيڪل سوار ماءُ، پٽ مٿان ڪوئلي سان ڀريل 12 ويلر ٽرالر چڙهي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 45 ورهين جي حليمه ملاح ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته سندس پٽ امين ملاح سخت زخمي ٿي پيو.

اطلاع ملڻ تي تلهار پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جي لاش ۽ زخمي نوجوان کي رورل هيلٿ سينٽر تلهار منتقل ڪيو جتان نوجون کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

ٻي پاسي تلھار پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته  ڊرائيور فرار ٿي ويو.

آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.