آمريڪا جو سعودي عرب کي ڪروڙين ڊالرن جا هٿيار ڏيڻ جو فيصلو

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا سعودي عرب کي ڪروڙين ڊالرن جا هٿيار وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

آمريڪا جي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون اعلان ڪيو آهي ته سعودي عرب کي تقريبن 65 ڪروڙ آمريڪي ڊالرن جا هٿيار وڪرو ڪرڻ جي هڪ معاهدي جي منظوري ڏني وئي آهي.

ان سودي تحت آمريڪا سعودي عرب کي فضا ۾ مار ڪندڙ 280 جديد ميزائل فراهم ڪندو.

آمريڪا جي پرڏيهي کاتي ان سودي کي انڪري منظور ڪيو آهي ته جيئن موجوده ۽ مستقبل جي خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ رياض حڪومت جي مدد ڪري سگهجي.

ڪجهه آمريڪي حلقن سعودي عرب سان ميزائلن جي ان سودي تي اعتراض ڪيو آهي پر آمريڪي پرڏيهي وزارت پنهنجي ڪيترن ئي ٽوئيٽس ۾ اهو چئي معاهدي جو بچاءُ ڪيو آهي ته هٿيار زميني حملي لاءِ نه پر رڳو فضائي دفاع لاءِ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.