ڏيئو روشن خيالي جي راهه آهي!

صدام ساگر

ڏياري هندو ڌرم موجب هڪ ڌرمي ڏڻ آهي. هندو ڌرم جا پوئلڳ “ڏياري” کي هڪ مذهبي رسم طور ملهائين ٿا پر اُن جو هڪ ٻيو سگهارو پاسو ثقافتي لحاظ کان پُڻ آهي، اهو ئي سبب آهي جو دُنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن ۾ سک، جين ازم جا پوئلڳ ۽ ٻين ڪيترن ئي مختلف مڪتبه فِڪر سان تعلق رکندڙ فرد ڏياري کي رنگن ۽ خوشين جو ثقافتي ڏڻ ڪري ملهائيندا آهن.

هونئن جيڪڏهن پاڻ تاريخ جي آئيني ۾ثقافتي ڏڻن جو چهرو ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ڪيئي احساس اُڀرندا. جڏهن ته هر ڏڻ جو پنهنجو تصور، تاريخي پس منظر ۽ پيغام هوندو آهي پر “ڏياري جو ڏڻ” هڪ لحاظ کان مذهبي ته ٻئي پاسي ۽ ٻئي پهلو ۾ثقافتي نظر ايندو.

سنڌي ٻولي ۾ڏياري جي معنيٰ “ڏيئن واري” آهي. اُن ڪري سمجهجي ته ڏيئو هڪ روشن خيالي جي راهه جو نالو آهي. جڏهن ته روشن راهه اُن شعور جو احساس آهي جيڪو ڪاري رات جهڙي ظالم دور ۾ روشني جو ڪم ڏئي ٿو. ڪشنچند بيوس جي شعر جيان:

جلي جي ٻين کي سهائو ڏين ٿا،

لکين گهور تن جا پتنگا ٿين ٿا.

بنيادي طور تي ڏياري اونداهين کي ختم ڪرڻ جو ڏڻ آهي. هتي اونداهي مان مُراد گهٽ علمي يا جهالت آهي. اڄ جو سچ اهو آهي ته پاڻ ۽ پنهنجو “سنڌي” سماج گلوبلائيزشن جهڙي جديد دور ۾ پڻ مختلف قسم جي اونداهين ۾جڪڙيل ۽ گهيريل آهي. توڙي جو اونداهي کان نجات ۽ اُن جي خاتمي وارو سوال سڌي ريت اسان جي پنهنجي عملن سان ڳنڍيل آهي، جنهن کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو.

اُن لاءِ، اَچو پاڻ سڀ هڪ ڏيئي وانگر سماج جي دقيانوسي ۽ فرسوده پراڻين ريتن ۽ رسمن کي ڊاهي نئون سماجي نظام جوڙيون، جيڪو انتهاپسندي، ذات پسندي، ذات پرستي ۽ خود پرستي کان بُلڪل پاڪ ڪنهن بُنياد تي ٻڌل هُجي.

اچو ۽ اڳتي وڌو پاڻ سڀ گڏجي معاشري جي پراڻين رسمن جي ڀڃ ڊاهه شروع ڪريون ته جيئن هن معاشري ۾گلا، ٽوڪ، طعني بازي، انتهاپسندي مزاج ۽ سماجي لاڙن ۾مثبت تبديلي آڻي سگهجي، ايئن ڪرڻ سان اسان جو سماج هڪ روشن خيال سماج طور اُڀرندو، اُن روشن خيال سماج ۾ هر فرد علم جي ڏيئي سان روشناس هوندو پوءِ هر ٻار جي هٿن ۾ڪُهاڙي، لَٺ ۽ ڌُڪي جي بدران قلم هوندو. نوجوانن جا هٿ هٿيارن کان آجا هوندا، هر نوجوان جو ذهن انتهاپسندي، انا پرستي ۽ خود پرستي کان آجو هوندو.

حقيقت ۾اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان اُن ٽئگور جي ڏيئي وانگر لهندڙ سج جي جاءِ والاري هڪ نئون سج بڻجي اُڀرينداسين. بقول اُستاد بُخاري:

ڇو رُڪجون رفيقو! ارتقا رُڪجي نٿي،

زندگيءَ جي آرزوءَ ۾جستجو، ٿڪجي نٿي،

ساٿيو سندرا ٻڌو، هلندا رهو، وڙهندا رهو.

پاڻ ڇو بيهون، دُنيا جڏهن بيهي نٿي!

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.