آمريڪا ۾ منشيات جي واهپي ۾ واڌ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ منشيات سبب 80 هزار ماڻهو موت جو شڪار ٿيا ۽ يورپ ۾ 8 هزار 200 ڄڻا منشيات جي گھڻي مقدار سبب فوت ٿياآهن.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب يورپي ڊرگ ايجنسي طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته گذري سال آمريڪا ۾ 80 هزار ماڻهو منشيات جي استعمال سبب فوت ٿيا جڏهن ته يورپ کنڊ ۾ 8200 ماڻهو فوت ٿيا.

رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 2018ع ۾ 2017ع ڀيٽ وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا ۽ اهي ماڻهو ڪوڪين يا هيروئن بدران آفيم سان ٻيون نشه آور شيون گڏائي استعمال ڪرڻ سبب فوت ٿيا، اهو انگ وڌيڪ به ٿي سگھي ٿو ڇو جو 20 سيڪڙو کان وڌيڪ موت رجسٽرڊ ئي ناهن ٿي سگھندا.

رپورٽ جي محقق جوليان ونسينٽ موجب آفيم مان تيار ڪيل نشي وارا مرڪب گھڻا خطرناڪ آهن جنهن جي استعمال سان آمريڪا ۾ 2017ع ۾ 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جون حاتيون زيان ٿيون جيڪي 2018ع ۾ وڌي 80 هزار تائين پهتيون.

جوليان ونسينٽ وڌيڪ چيو ته ايشيائي نشي ڀنگ جو استعمال به يورپي شهرين ۾ تيزي سان مشهور ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه ڪوڪين جي استعمال ۾ به گھڻي واڌ ڏٺي وئي آهي.

منشيات ڊيلر پنهنجي منشيات وڪرو ڪرڻ لاءِ هاڻي ٽيڪنالوجي جو سهارو وٺي رهيا آهن ۽ موبائل ايپس ذريعي ڊيلنگ ڪئي پئي وڃي.