عوام کي سُور ئي سُور، حڪومت وڌيڪ مهانگائيءَ بابت خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهه وڌڻ سان مهانگائيءَ ۾ واڌ بابت خبردار ڪري ڇڏيو.

ناڻي واري وزارت هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن جو آئوٽ لُڪ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڊالر جي ريٽ ۽ موسمياتي عملن سبب مهانگائي وڌي رهي آهي، سيپٽمبر مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 8.98 سيڪڙو رهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:پيٽرول سستو نه پر اڃا مهانگو ٿيندو: اوگرا چيئرمين خبردار ڪري ڇڏيو

ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائيءَ جو دٻاءُ عوام تي منتقل نه ڪيو، عالمي مارڪيٽ جا جهٽڪا وڌيڪ نه لڳا ته سالياني مهانگائي گهٽ ٿي سگهي ٿي.

ناڻي واري وزارت موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ مالياتي خسارو 11 سيڪڙو مان وڌيڪ 462 ارب رپيا ٿي ويو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن  اوگرا چيئرمين مسرور خان پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايندڙ 5 مهينن تائين ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه وڌندا، مارچ کانپوءِ اگهه گهٽ ٿيندا، بندرگاهه تي ڊيزل 109 رپيا في ليٽر پئي ٿو، في ليٽر ڊيزل تي ٻيا خرچ ۽ ٽيڪس 25 رپيا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.