قومي ٽيم جو مستقل هيڊ ڪوچ ڪير هوندو؟ نالا سامهون اچي ويا

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ٽيم جي مستقل هيڊ ڪوچ لاءِ پرڏيهي هيڊ ڪوچ آڻڻ جو ارادو رکي ٿو.

ذريعن موجب قومي ٽيم جو مستقل هيڊ ڪوچ پرڏيهي هوندو ۽ پي سي بي چيئرمين رميز راجا اهو معاملو پاڻ ڏسي رهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريقا جو اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر گيري ڪرسٽن شارٽ لسٽ ۾ اڳڀرو آهي، جڏهن ته اڳوڻي آسٽريلوي بيٽسمين سائمن ڪيچ جو نالو به غور هيٺ آهي.

ذريعن موجب پي سي بي کي انگلينڊ جي اڳوڻي ڪوچ پيٽر موريس جي نالي ۾ به دلچسپي آهي ۽ پيٽر موريس جو پي ايس ايل فرنچائز سان معاهدي جو امڪان آهي.

واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ثقلين مشتاق قومي ٽيم جو عارضي هيڊ ڪوچ آهي، جڏهن ته آسٽريليا جي ميٿيو هيڊن کي بيٽنگ ڪنسلٽنٽ ۽ ڏکڻ آفريقا جي ورنن فلينڊر کي بالنگ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.