سلمان خان ڏکئي وقت ۾ شاهه رخ سان گڏ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)اداڪار سلمان خان پنهنجي دوست ۽ ساٿي اداڪار شاهه رخ خان ۽ ان جي پُٽ آريان جي لاءِ گهڻو فڪرمند آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سلمان خان في الحال معاملو حل ٿيڻ تائين پنهنجي فلم ٽائيگر 3 جي شوٽنگ جو شيڊول به معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن شاهه رخ کي ڪنهن به معاملي ۾ مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سلمان خان منشيات ڪيس ۾ آريان جي ضمانت واري درخواست بابت شاهه رخ خان کي هر وقت خبر چار وٺندو رهي ٿو جڏهن ته اهو پاڻ ۽ سندس پيءُ سليم خان ۽ ان جي گهرواري هيلن آريان جي جلد گهر واپسي لاءِ دعاڳو آهن.

سلمان خان کي پنهنجي فلم ٽائيگر 3 جو انتهائي اهم سين رڪارڊ ڪرائڻو هو جنهن ۾ شاهه رخ خان جي فلم پٺاڻ جو ڪردار به شامل ٿيڻو هو پر سلمان خان پنهنجو سين رڪارڊ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته هاڻي آريان جي آزادي کانپوءِ ئي معاملن کي ٻيهر شروع ڪبو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.