قاضي احمد:احساس سينٽر تي ڪارڊن ۾ پئسا نه اچڻ تي عورتن جو احتجاج

احساس ڪفالت جي نئين پروگرام شروع ٿيڻ کان پوء قاضي احمد سينٽر تي مستحق عورتن جا هجوم لڳي ويا، مستحق عورتن جي ڪارڊن ۾ پئسا نه هجڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳيون، ڊوائيس هولڊرز جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي نئين سروي کان پوء قاضي احمد سينٽر ۾ 21ھزار کان وڌيڪ مستحق عورتون رجسٽرڊ هيون ، سينٽر تي موجود مستحق عورتن احتجاج ڪندي چيو ته عمران خان اسان سان وڏو ظلم ڪيو آ، اسان جا پئسا بند ڪري ڇڏيا اٿن ،  اسان جي گهر جو گاڏو انهن پئسن تي هلندو آهي اسان سان عمران خان ظلم ڪري ڇڏيوآهي ، هنن مطالبو ڪيو ته اسان جا نالا مستحق عورتن واري لسٽ ۾ ورائي شامل ڪري پئسا ڏنا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.