ٽنڊو رحيم: درگاه گاجي شاه جا انتظام اوقاف کاتي کان واپس،گادي نشينن حوالي

درگاه پير گاجي شاه جا انتظام اوقاف کاتي کان واپس وٺي گادي نشينن حوالي ڪيا ويا، سي ايم سنڌ جي حڪمن بعد اوقاف کاتي پاران درگاه جا انتظام گاجي شاه جي فقيرن ۽ گادي نشينن حوالي ڪيا ويا، درگاه تي مقرر اوقاف کاتي جي مينيجر عبدالشڪور شر پاران تصديق ڪندي ٻڌايو ويو تہ سي ايم هائوس پاران جاري ڪيل نوٽيس بعد درگاه فقيرن حوالي ڪئي وئي، درگاه جي سجاده نشين فقير عاشق حسين کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو تہ اوقاف کاتي پاران درگاه تي رکيل نذراني جو پيتيون پڻ واپس ڪيون ويون ۽ درگاه جا انتظام مڪمل طور سندن حوالي ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.