ڪراچي:واٽربورڊ جي ايم ڊي سان لياقت آسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ وفد جي ملاقات

ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر انجنيئر اسدالله خان سان ڪچي آبادي بابت وڏي وزير جي خاص مددگار لياقت اسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ آيل وفد ملاقات ڪئي، ملاقات دوران شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي بابت مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات دوران چيف انجنيئر سيوريج آفتاب چانڊيو، اسٽاف آفيسر ٽو ايم ڊي انجنيئر موهن لال، اسٽاف آفيسر ٽو چيئرمين نعمت الله مھر، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر غلام محمد حب، ايگزيڪيوٽو انجنيئر سيد مظهر حسين شاھ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر امداد مگسي ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا ، ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ پاران آيل وفد کان پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي  ۽ انهن مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي لاڳاپيل آفيسرن کي ھدايتون پڻ جاري ڪيون. ان موقعي تي ايم ڊي واٽر بورڊ انجنئر اسدالله خان آفيسرن کي هدايتون ڪيون ته  شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا مسئلا فوري طور تي حل ڪري عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.