آريان منشيات ڪيس، اين سي بي جو گواهه گرفتار

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر پوني جي پوليس آريان منشيات ڪيس ۾ اين سي بي جي گواهه ڪرن گوساوي کي ڌوڪيبازي ۽ فراڊ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب پوني پوليس جي ڪمشنر اميتاب گپتا اين سي بي جي گواهه ڪرن گوساوي جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرن گوساوي دعويٰ ڪئي هئي ته ڀارتي شهر لکنئو پوليس اسٽيشن ۾ گرفتاري ڏيندو پر هن ڪٿي به گرفتاري نه ڏني ۽ پوليس کيس سوگهو ڪري ورتو آهي.

رپورٽن موجب گوساوي کي فراڊ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جي خلاف 19 مئي 2018 تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

ايف آءِ آر موجب گوساوي شهري کي ملائيشيا ۾ نوڪري ڏيڻ بهاني وڏي رقم ٺَڳي هئي.

واضح رهي ته ڪرن گوساوي جي شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان سان گڏ اين سي بي جي آفيس ۾ ورتل سيلفي وائرل ٿي هئي جڏهن ته اهو اين سي بي جو آزاد گواهه به آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.