ڪترينا جي شادي جي تاريخ ۽ جڳهه سامهون اچي وئي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ناليواري ڀارتي اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ اداڪار وِڪي ڪوشل جي شادي جي تاريخ ۽ جڳهه جي حوالي سان سرخيون هلي رهيون آهن.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ٻئي ويجها دوست هلندڙ سال ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ امڪاني طور تي 7 کان 9 ڊسمبر تائين راجسٿان ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻنڌجي ويندا.

رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته وڪي ۽ ڪترينا پنهنجي ويجهي دوستن ۽ مائٽن کي انٽرنيٽ ذريعي دعوت ڏني آهي، ڪترينا ۽ وڪي جي شادي جي تقريبن ۾ هيڊ، ميندي ۽ ڦيرن جهڙيون رسمون شامل هونديون.

انکانسواءِ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي جي شادي راجسٿان جي شهر مڌوپور جي هڪ هوٽل ۾ ٿي رهي آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا اِي ٽائمز جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٻئي شوبز ستارا ڊسمبر ۾ شادي ڪري ڇڏيندا جڏهن ته ڪترينا ڪيف پنهنجي شادي تي ناليواري ڊزائنر سبيا ساچي جو تيار ٿيل جوڙو پهريندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.