وڏين حددخلين کانپوءِ هاڻ گهٽين، پاڙن ۽ فٽ پاٿ جو وارو، سپريم ڪورٽ وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪراچي رجسٽري غير قانوني حددخلين بابت ڪيس جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب هاڻ گهٽين ۽ پاڙن مان حددخليون هٽايون وينديون.

عدالت عظميٰ تحريري فيصلي ذريعي حڪم ڏنو آهي ته ايڊمنسٽريٽر، ڊي ايم سيز گهٽين، پاڙن، فٽ پاٿ ۽ روڊن تان حددخليون ختم ڪن.

تحريري فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي جي سمورين ڊي ايم سيز جا ايڊمنسٽريٽر ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿين.

سپريم ڪورٽ تحريري فيصلي ۾ هدايت ڪئي آهي ته گهٽين، پاڙن، روڊن ۽ فٽ پاٿن تي قبضي بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ٻڌايو وڃي ته هر حدن ۾ حددخلين جي خاتمي بابت ڪهڙي اڳڀرائي ٿي.

عدالت عظميٰ تحريري فيصلي ۾ اهو حڪم به ڏنو آهي ته ايندڙ سيشن ۾ سمورا ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي رپورٽن سان گڏ پيش ٿين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.