”بريسٽ ڪينسر“ جي ويڪسين تيار، ماهرن جو وڏو اعلان

عورتن ۾ عام ڪينسر جي سڀ کان خطرناڪ قسم خلاف ويڪسين جي تياري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

آمريڪا جي ڪليو لينڊ 26 آڪٽوبر 2021 تي ٽرپل نيگيٽور بريسٽ ڪينسر جي روڪٿام ڪرڻ واري ويڪسين کي انسانن تي آزمائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

بريسٽ ڪينسر جي ان قسم خلاف هارمون يا ٽارگيٽڊ دوائون ڪم ناهن ڪنديون ۽ ان جي روڪٿام mastectomy سان ئي ٿيندي آهي.

هن وقت تائين بريسٽ ڪينسر جي ان خطرناڪ قسم جي روڪٿام جي لاءِ ويڪسينز جي تياري ليبارٽري ۽ جانورن تائين ئي محدود هئي.

پر ان جو انسان تي ٽرائل اهم ترين اڳڀرائي آهي.

ان ٽرائل ۾ اهڙي عورتن کي شامل ڪيو ويندو جيڪي شروعاتي مرحلي ۾ ٽرپل نيگيٽو بريسٽ ڪينسر مان ڇوٽڪارو ماڻي چڪيون آهن پر ان جي ٻيهر واپس اچڻ جو خطرو تمام گهڻو آهي.

ان مرحلي ۾ وڌيڪ خطرن واري صحتمند ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو.

انهن ٻڌايو ته ڊگهي عرصي تائين جي بنيادن تي اسان کي اميد آهي ته اها هڪ سٺي ويڪسين ثابت ٿيندي جنهن جي استعمال سان صحتمند عورتون بريسٽ ڪينسر جي ان موتمار قسم جو شڪار ٿيڻ کان بچي وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.