بدين ، کھڙا ، ڏھرڪي ، بواب شاھ ۽ اڳڙا جون خبرون

بدين:احساس ڪفالت پروگرام جي پئسن جي وصولي ۾ بدنظمي،عورتن جو احتجاج

کهڙا: شهر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ نوجوان روڊن تي نڪري آيا

ڏهرڪي:سرڪاري اسپتال بي لاڀ بڻيل،ڊاڪٽرغائب،عملو مريضن کي موٽائڻ لڳو

نواب شاھ : مهانگائي خلاف پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ پاران احتجاجي ريلي

اڳڙا ڀرسان ٽرڪ تي ڇاپو،6 مڻ 30 ڪلو چرس هٿ، هڪ جوابدار گرفتار

1

بدين ۾احساس ڪفالت پروگرام جي پھرين قسط شروع ٿيندي ئي ايڇ بي ايل بئنڪ تي سوين عورتون گڏ ٿي ويون، اي ٽي ايم مشين تان پئسا ڪڍي ڏيندڙ ايجنٽن کي ڪٽوتي تان روڪڻ سبب ايجنٽن پريشان ڏسجڻ لڳا. اي ٽي ايم مشين مان پئسا ڪڍڻ عورتن لاءِ .   وڏو چئلينج بڻجي ويو، پئسا وٺڻ لاءِ ايندڙ عورتون آپي مان نڪري ويون،  روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ماڻهن ۽ گاڏين تي پٿراءُ ڪرڻ لڳيون ، پيرن  مان جتيون لاھي،  ھٿن ۾ جهلي. سخت احتجاج ڪيو ويو، پاسي ۾ بيٺل  پوليس  اهلڪار به بيوس بڻيل رهيا .

02

کهڙا ۾ شھر جي بنيادي مسئلن جي حل، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي خلاف شھر جا نوجوان سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا ، شھري اتحاد سوشل فورم جي اڳواڻن مخدوم علي هاشمي، ميان وفا اڄڻ، رضوان شيخ،  سيد احسن رضا شاه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، مسڪين ماڻھون بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، هنن وڌيڪ چيو ته کهڙا ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آھي ، شھر جا روڊ هنڌان هنڌان اکڙي تباه ٿي ويا آھن ،هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي شهر جا مسئلا حل ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.

3

ڏهرڪي:سرڪاري اسپتال عوام لاء بي لاڀ بڻجي وئي، رات جي ڊيوٽي تي مقرر ڊاڪٽر گهرن ۾ آرام ڪرڻ لڳا، جڏهن ته عملي پاران مريضن کي  سکر يا رحيم يار خان موڪليو پيو وڃي، ميڊيا اڳيان دانهيندي متاثر امجد ملڪ چيو ته رات جو سندس ڇھن مھينن جي پٽ عبدالهادي جي طبيت خراب ٿي پئي، پرائيويٽ اسپتالون بند هيون،  گلڙن جهڙو معصوم هنج تي کڻي سرڪاري اسپتال پهتو جتي ڪو ڊاڪٽر موجود ڪونه هو، هن ٻڌايو ته  اسپتال جي عملي کيس سکر يا رحيم يار خان کڻي وڃڻ لاءِ چيو، هن چيو ته هو نااميد ٿي گهر آيو، پوري رات معصوم عبدالهادي تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪيو.هن چيو اسپتالجو عملو سندس پٽ جو قاتل آهي، هن  واسطيدار عملدارن کان مطالبو ڪيو ته معصوم عبدالهادي جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي

4

ملڪي تاريخ جي بدترين مهانگائي خلاف پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ ضلعي شھيد بينظير آباد پاران ضلعي صدر عبدالقيوم چنا ،عبدالڪريم بروھي، شفيق احمد جمالي  وڪيل عبد الحفيظ کوسو جي اڳواڻي ۾ الله والي مسجد مان ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جي مختلف علائقن کان ٿيندي نواب شاھ پريس ڪلب پهتي، جتي ڌرڻو هنيو ويو ،ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽  بي روزگاري حڪومت جي ظالماڻي پاليسي آهي، ملڪ جي نا اھل وزير اعظم خلاف احتجاج ڪري رھيا آھيون سندن چوڻ هو ته عمران خان جي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي ھن کي في الفور استعيفا ڏيڻ گھرجي جيڪڏھن ھي حڪومت ڪجھ وقت رھي ته ملڪ تباهه ٿي ويندو.

5

اڳڙا پوليس ڳجهي اطلاع ملڻ ته خيرپور- لاڙڪاڻو روڊ تي ناڪابندي ڪري چيڪنگ ڪندي  هڪ ٽرڪ  مان 6 مڻ 30ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو۔ٽرڪ ڊرائيور علي خان جمالي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته هڪ جوبدار نذير جتوئي  فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو،اڳڙا پوليس  ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڊرائيور علي خان جمالي ۽ سندس فرار ٿيل ساٿي  نزير جتوئي خلاف منشيات رکڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.