وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل جا گرفتاري وارنٽ جاري

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي عدالت وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گِل جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

لاهور جي مقامي عدالت ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل خلاف نجي ڪمپني طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

نجي ڪمپني شهباز گل خلاف دعويٰ داخل ڪئي آهي ته هن ٽي وي پروگرام ۾ ڪمپني تي ڪوڙا الزام هنيا.

لاهور جي ايڊيشنل سيشن جج حسنين اظهر شاهه درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ عدالت ۾ عدم پيشي تي شهباز گل جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

ايڊيشنل سيشن جج حسنين اظهر شاهه شهباز گل کي پهرين نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.