ميهڙ ۾بند پيل جاءِ مان لکين رپين جو ڌاڙو، احتجاج

ميھڙ(ن ع آ) ميهڙ شهر جي ثاقب  ڪالوني ۾ بند پيل جاء مان لکين روپيا روڪ رقم ۽ سونا زيور نامعلوم چور چوري ڪري فرار گھر مالڪ محمد عثمان سوھو ٻڌايو تہ منھنجي فيملي حيدرآباد رھندي آھي ۽ باء پاس تي جاء جو ڪم ھلي رھيو ھو ته مان گھران بيٽري کڻي گھر جي ٻاھران تالو ڏئي ھليو ويس اڌ ڪلاڪ کان پوء واپس آيس ته گھر جي اندران تالو ڏنل ھو ڀر واري گھر مان داخل ٿي تالو کولي ڏٺم ته صندوق مان ساڍا 4 لک روڪ رقم ۽ ساڍا 4 تولا سون نامعلوم چور چوري ڪري ويا آھن ھوڏانھن واقعي جي اطلاع تي ايس ايڇ او اي سيڪشن زاھد کوسو پوليس نفري سان گڏ جاء واردات تي پھچي علائقي واسين کان تفصيل ورتا ۽ کيس گھر مالڪ کي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.