شڪارپور ۾ فوڊ اٿارٽي جا هوٽلن تي ڇاپا

شڪارپور (ڊ . ر) شڪارپور ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي لاڙڪاڻو ۽ سکر جي ٽيم جا کير جي دوڪانن ۽ هوٽلن تي ڇاپا، شڪارپور جو مشهور ديوان سوئيٽس هوٽل سميت ڪيترائي ملڪ شاپ ڪيميڪل جو کير واپرائڻ سبب مجموعي طور 1 لک 41 هزار روپيا ڏنڊ مقرر. تفصيل موجب : گذريل ڏينهن عوامي شڪايتن تي سنڌ فوڊ اٿارٽي لاڙڪاڻو جي ٽيم فوڊ سيفٽي آفيسر محمد اسلم شر، رياض الله مري ۽ ٻين شڪارپور جي دل لکيدر تي ديوان سوئيٽيس تي ڇاپو هنيو، جنهن جي کير ۾ پائوڊر مليل نڪتو جنهن کانپوءِ ٽيم سندس مٿان 30 هزار ڏنڊ هنيو، ٻئي طرف ٽيم شهر جي مشهور ڪراچي ملڪ شاپ، نيو پارس هوٽل، ماشاء الله هوٽل سميت ڪيترن تي ڇاپا هنيا، ياد رھي ته سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ  فوڊ ڊپارٽميٽ ڏانهن خط لکو جنهن ۾ هن ڄاڻا يو هو ته شڪارپور جي کير جي دوڪاندار ۔هوٽل وارا کير ۾ ملاوٽ ڪن ٿا جنهن کان پوء فوٽ ڊپارٽمينٽ جي ٽيم ڊاريڪٽر آئشا جوڻيجو جي هدايتن تي ٽيم شڪارپور پهچي ڇاپا هنيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.