شڪارپور ۾گند جا ڍير، اسڪارپ کاتي خلاف احتجاج

شڪارپور (ڊ ر) گذريل ڏينهن شڪارپور جي لاڙائي محلي ڀرسان مال پڙي جي واپارين ۽ ڀرپاسي جي علائقي واسين طرفان اسڪارپ ٽيوب ويل کاتي جي نااهلي سبب سرفيس پمپ اسٽيشن بند هجڻ ڪري سم نالن جو گندو پاڻي مال پڙي ۽ محلي اندر داخل ٿي ويو، جنهن سبب مال پڙي توڙي ايندڙ ويندڙ رستي کي گندي پاڻي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، ٻئي طرف اسڪارپ ٽيوب ويل شڪارپور کاتي جي عملدارن جي نااهلي خلاف واپارين ۽ ڀرپاسي جي علائقي واسين حاجي محمد نواز معرفاڻي، خورشيد کوهارو، سجاد مهر جي اڳواڻيءَ ۾ لاڙڪاڻي-شڪارپور جي انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ روڊ بلاڪ ڪيو ويو، روڊ بلاڪ هئڻ سبب ڪجھ وقت لاءِ ٽريفڪ معلط رهي، مظاهرين  اسڪارپ ٽيوب ويل کاتي جي نااهل عملدارن خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان پمپ اسٽيشن خراب آهي، جنهن جي مرمت نه ٿيڻ ڪري گندو پاڻي مالي پڙي توڙي ڀرپاسي جي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي، هنن چيو ته اسڪارپ ٽيوب ويل کاتي جي عملدارن کي ٻڌائڻ باوجود پمپ اسٽيشن کي ٺيڪ نه ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته جيڪڏهن جلد کان جلد پمپ اسٽيشن تي مرمت نه ڪئي وئي ته ٻئي صورت ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.

شهدادڪوٽ جي رٽائرڊ ملازمن کي رقم نه ملي، صوبائي خزاني آفيس کي خط

شھدادڪوٽ ( ڊر ) سنڌ حڪومت جي خزاني واري کاتي پاران نئين مالي سال واري بجيٽ کي 3 مھينا گذرڻ باوجود قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي فوتي ۽ رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جي ادائگين لاءِ 12 ڪروڙ، 51 لک، 67 ھزار 228 رپيا رقم نه ملي سگهي آهي جنهن ڪري ھزارين ملازم مالي پريشانين کي منهن ڏيئي رھيا آهن جڏهن ته رھتون ادا نه ڪرڻ تي ضلعي خزاني آفيس پاران صوبائي آفيس کي رھتون رليز ڪرڻ لاءِ خط پڻ لکيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت جي خزاني واري کاتي جي لاپرواھي ۽ غير ذميواراڻا عمل سبب سنڌ جي ٻين ضلعن سميت قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي مختلف کاتن جي رٽائرڊ ۽ فوت ٿي ويل ملازمن جي وارثن کي رقم جون ادائگيون نه ٿي سگھيون آهن جنهن ڪري قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جا فوتي توڙي رٽائرڊ ملازم مالي پريشانين کي منهن ڏيئي رھيا آهن ٻي پاسي خزاني آفيس پڻ سخت مالي بحران کي پڻ منهن ڏيئي رھي آهي جنهن پڻ بجيٽ جاري ڪرڻ لاء صوبائي خزاني آفيس کي ھڪ خط لکيو آهي جنهن ۾  انگ اکرن سان رھيل بجيٽ جو ذڪر پڻ ڪيو آهي جنهن ۾ نئين مالي سال 2021ع ۽ 2022ع جي شروعاتي 3 مھينن جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر دوران فوت ٿي ويل ملازمن جي گريجوئٽي واري رقم جي مد ۾ ھڪ ڪروڙ، 57 لک، 61 ھزار، 429 رپيا رھيل ڏيکاريا آهن جڏهن ته رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن لاءِ 8 ڪروڙ، 59 لک ۽ 607 رپيا ڏيکاريا ويا آهن,ان سان گڏ تازو رٽائرڊ ٿيل ملازمن کي 12 پگهارن جي ادائگين لاءِ 2 ڪروڙ، 35 لک، 5 ھزار ۽ 192 رپيا جاري نه ڪرڻ بابت لکيو ويو آهي ان سموري ڏکئي صورتحال سبب فوتي ملازمن جا وارث ۽ رٽائرڊ ملازم تمام گهڻو ڀوڳي رهيا آهن ۽ انهن جي ڳڻتين ۾ واڌ اچي رھي آھي,ھوڏانھن رٽائرڊ توڙي فوتي ملازمن جي وارثن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي خزاني آفيس کي جلد رھتون ادا ڪري رٽائرڊ ملازمن کي ادائگيون ڪرائي مالي پريشانين کان بچايو وڃي.

ٽنڊي آدم ۾ پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروايون

 

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊو آدم پوليس جون منشيات فروش خلاف ڪاروايون جاري هڪ منشيات ڊيلرگرفتار گٽڪو ۽ سفينا هٿ ڪيس داخل رپورٽ موجب ٽنڊو آدم سٽي پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪاروايون جاري  ايس ايڇ او سٽي پوليس مختلف هنڌن تي ڪاروايون ڪري سفينا  جي ڊيلر سجاد علي پٺاڻ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان  1760 پڙيون گٽڪو برآمد ڪيو جڏهن ته هڪ جوابدار ارباب خاصخيلي سفينا جون 12760 پڙيون ڇڏي  فرار ٿي ٿي ويو هوڏانهن گرفتار جوابدار تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.