رحيم يار خان واسي مهيني کان ڌاڙيلن وٽ قيد، آزاديءَ لاءِ 20 لک طلب

ڏهرڪي (رپورٽ :  اسد لغاري) رحيم يار خان جي ڀيل نگر جي رهواسين پيرسن چترو جي ۽ پيرسن عورت ڇمي ٻائي ڏهرڪي پريس ڪلب  پهڇي ٻڌايو ته سوا مهينو اڳ اسان جي پٽ سرجڻ مينگهواڙ کي فون ڪال آئي جنهن کانپوءِ  هو گهران هليو ويو سوا مهينو گذري باوجود سرجڻ جو ڏس پتو ناهي مليو، ڪجهه ڏينهن اڳ گهوٽڪي ڪشمور واري ڪچي مان ڌاڙيلن فون ڪري چيو ته سرجڻ جي بازيابي لاءِ  20  لک ڀنگ ڏيو نه ته سرجڻ کي قتل ڪري مريد شاخ وٽ لاش اڇلائي ڇڏيندا سين ،سرجڻ جي پيرسن پيءُ پيرسن امڙ لڙڪ لاڙيندي چيو ته اسان جتيون پالش ڪري پيٽ پاليون ٿا هڪ ڪرائي جي گهر ۾ رهون ٿا اسان وٽ ايترا پئسا ڪٿان آيا، هن چيو ته اسان سرجڻ جا هي معصوم ٻارڙا انهن ڌاڙيلن کي ميڙ ڪيون ٿا ته اسان جي هن حال تي رحم ڪن اسان وٽ ته گهر ۾ کائڻ لاءِ  اٽو به ناهي ،مغوي جي معصوم نياڻي مهڪ ٻانهون ٻڌي جهولي جهلي ڌاڙيلن کي التجا ڪئي ته خدارا منهنجي پيءُ  کي بازياب ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.