پيرذاڪري جو ساليانو اجتماع پهرين نومبر تي ٿيندو، تياريون جاري

سڪرنڊ ڀرسان سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ ڀرسان درگاهه پيرذاڪري جو 125 هون روحاني اجتماع پهرين نومبر سومر جي شام درگاهه پيرذاڪري تي ٿيندو. روحاني اجتماع ۾ پاڪستان ۽ سنڌ سميت مريدن ۽ عقيدتمندن جي پهچڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. روحاني اجتماع ۾ هزارين مريد ۽ عقيدت مند شرڪت ڪندا آهن.  درگاهه کي پڻ سينگاريو ويو آهي. روحاني اجتماع کي درگاهه پيرذاڪري جو گادي نشين سيد محمد منير شاهه ذاڪري خصوصي خطاب فرمائيندو. ان موقعي تي پاڪستان جا نالا وارا علماءِ ڪرام مولانا محمد اڪرم سعيدي سميت ٻيا علماءِ خطاب ڪندا. درگاهه ٻاهران اسلامي ڪتابن جا اسٽالن سميت ٻيا مختلف شين جا اسٽال لڳڻ شروع ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.