ڏهرڪي لڳ پر اسرار نموني پورهيت گم، وارث پريشان

ڏھرڪي ( ت ر ) ڏھرڪي ڳوٺ پٺاڻ خان پتافي جي رھواسي سردار علي پتافي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي  ته منھنجو وڏو ڀاءُ  قمر زمانپتافي  گذريل ڏينھن پنھنجي دوڪان تي ڪم ڪرڻ لاءِ آيو جيڪو گذريل ڏينھن تي تقريبا ھڪ وڳي دوڪان تان لٿو ته بعد ۾ گم ٿي ويو جنھن جو موبائل نمبر به بند آھي ھن وقت ڪو به ڏس پتو نه ٿو پوي ھنن چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناھي، ھنن خدشو ڏيکاريو آھي ته اسان جي نوجوان کي متان اغوا ڪيو ويو آھي ھن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آھي ته منھنجي ڀاءُ  قمر زمان جي ڳولھا ڪرڻ ۾ منھنجي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.