جوهي ۾ پاڻي نه ملڻ تي ڪئمپ قائم، کوٽ جو ذميوار سيڪريٽري قرار

جوهي ( رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو  ) جوهي جي مختلف شاخن جي آبادگارن جوهي  برانچ مان نڪرندڙ شاخن ۾ پاڻي نه پهچڻ تي ايري گيشن سيڪريٽري ,چيف انجنيئر ,اي سي ,ايس ڊي او ۽ زميوار پ پ جي چونڊيل نمائندن ۽  پاڻي چورن خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جي فاضل چوڪ نيشنل  پريس ڪلب اڳيان شاميانه هڻي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي, مختلف شاخن جي آبادگارن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن لطيف جمالي, سڪندر جمالي ,  امام علي رستماڻي, ميهر گاڏھي, گُلشير رند  شمن کوسو ,قادر بخش لنڊ  شاعر خليل عارف سومرو غلام قادر لغاري, خادم باهوٽو جمن سنڌي ,يونس سولنگي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جوهي شهر جي  فاضل چونڪ تي ڌرڻو هڻن بعد شاميانه هڻي بک ھڙتالي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي ,جتي پاڻي ڏيو , پاڻي ڏيو ۽ ڳولي ڏيو ڳولي ڏيو چونڊيل نمائنده ڳولي ڏيو جا نعرا هنيا ويا, ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن چيو ته جوهي برانچ مان نڪرندڙ شاخن پٽوڙو, پهوڙ, لاکا, دڙا, ڇني, چينجاڻي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي ڪنگال بڻايو پيو وڃي, ڌرڻي ۾ ايس يو پي ضلع دادو جو صدر سڪندر علي سوڍر , ميهڙ بار ڪائونسل اڳواڻ محمد علي ڪانڌڙو,حاجي اسحاق سوڍر ,عبدالحميد سومرو ۽ ٻين پنجاھ کان وڌيڪ وفد آبادگارن جي احتجاجي ڌرڻي واري ڪئمپ تي پهتا ان موقع تي ايس يو پي ضلع صدر  سڪندر علي سوڍر ۽ ٻين آبادگارن سان يڪجهتي طور ويٺا ۽ ھنيل ڌرڻي ۾ رت جي آخري ڦڙي تائين جدو جهد جاري رپڻ جو وچن ڪيو،آبادگارن جي ڌرڻي  ۾ اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير لياقت جتو ئي ۽ سندس حمايتن آبادگار ن جي  بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتا جتي لياقت جتوئي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته 14 سال سنڌ جي عوام کي اوهان لٽڻ ڦرڻ سان گڏ ننڍن آبادگارن جو واحد معاشي وسيلو زراعت آھي ان تي به قبضو ڪري جوهي جي آبادگارن کي نپوڙي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.