نوشهري ۾ مهانگائي، چوريون ڦرون روز جو معمول، ٽائرن کي باهه ڌرڻو

نوشھرو فيروز ( ڊ ر ) نوشھرو فيروز ۾ مھانگائيءَ  جي لھر کان پوءِ  چوريون ڦرون  روز جو معمول بڻجي ويون، چور دڪاندار مجيد سولنگي جي دڪان جا  2 دفعا تالا ڀڃي لکين روپين ج سامان ٻھاري ويا آھن، روز روز دڪاندارن جون چوريو معمول بنيل دڪاندار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن علي اڪبر چانڊيو، وزير وڳڻ سيف الله عباسي ۽ ٻين اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو الله واري چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي وزير وڳڻ چيو ته  انتظاميا امن امان ڪرائڻ بجاءِ وڏيرن جي در تي پيا آهن، نا اھل ايس ايڇ او کي ھٽايو امن بحال ڪريو ور نه اسان شٽر بند جي ڪال ڏينداسين جيڪو به نقصان ٿيو ان جي ذميوارانتظاميان ھوندي، سيف الله عباسي چيو ته 2ڪلاڪ ٿي ويا آھن ڪوبه انتظاميه جو  ماڻهو ناهي پهتو،ايس پيز کي کارائڻ لاءِ   جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، ان موقعي تي اڪبر چانڊيو ۽ ٻين آءِ  جي کان گھر ڪئي ته  شهر مان ٿيل چوريون واپس ڪرايون وڃن، ٻئي صور ت۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ايس ايس پي آفيس ٻاهران گهيراءُ ڪيو ويندو.

وڌندڙ مهانگائي خلاف ٺٽي ۾ن ليگ جو احتجاج

ٺٽو(ڊ ر) پاڪستان مسلم ليگ ن ضلعي ٺٽي پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مھنگائي ۽ بيروزگاري خلاف ٺٽي ۾ ھڪ احتجاجي مظاھرو مسلم ليگ ن جي صوبائي نائب صدر رئيس منظور خشڪ، عباس عطائي، الھورايو قاضي، ناٿو ڪنڀار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو، جنھن ۾ ن ليگ جي اڳواڻن گڏھ گاڏي تي چڙھي انوکو احتجاج ڪندي چيو تہ ملڪ ۾ جڏھن کان نيازي حڪومت آئي آھي، تڏھن کان حد کان وڌيڪ تيل جو قيمتون وڌائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال بنائي مھنگائي کانسواء عوام کي ڪجھ بہ ناھي ڏنو، حڪمران  ملڪ کي لٽڻ ۾ مصروف بڻيل آھن، ھنن چيو تہ مھنگائي سبب گاڏيون ھلائڻ مشڪل بنُجڻ ڪري اسان احتجاجن طور گڏھن گاڏي تي چڙھي سفر ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي. ھنن چيو تہ ميان محمد نواز شريف ئي ملڪ کي بحرانن توڙي عوام کي مھنگائي مان نجات ڏياري سگھي ٿو، جنھن کي اڄ بہ عوام ياد ڪري ٿي، ھنن چيو تہ مسلم ليگ ن عوام جي نمائندہ جماعت آھي، جنھن ھميشہ عوام کي رليف مھيا ڪيو آھي. ھنن گھر ڪئي تہ تيل جون قيمتون گھٽائي مھنگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف مھيا ڪيو وڃي.

 ماتلي ۾ مهانگائي خلاف شهري نڪري پيا، ڊرم وڄائي ڌرڻو

ماتلي(ن ع آ)  ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ مهنگائي خلاف سماجي تنظيم ماتلي اتحاد جي ڪارڪنن پاران ماتلي اتحاد جي آفيس کان ريلي ڪڍي ٽلومل روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو, ان موقعي تي ڪارڪنن پاران ڊرم وڄائي اٽو مهنگو هائي هائي, چانور مهنگا هائي هائي, گيهه ۽ ٻيون شيون مهانگيون هائي هائي جا زوردار نعرا هڻڻ سان گڏ سڪل مانيون هٿ ۾ کڻي احتجاج ڪيو ويو, مظاهري کي ماتلي اتحاد جي صدر رفيق ميمڻ, ممتاز زنئور, باسط شاه, علي چوهاڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مهنگائي سبب ماڻهو ٻارن ٻچن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن پر حڪمران ان طرف ڪوبه ڌيان نٿا ڏين هنن چيو ته تيل, گئس , چانور , اٽي , کنڊ سميت کاڌي پيتي جي سمورين شين جي اگهن ۾ رڪارڊ اضافي سميت غريب ماڻهن جو جيئڻ ئي مشڪل بڻجي ويو آهي , مظاهرين ملڪ مان مهنگائي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پڊعيدن ۾ مهانگائي خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، ريلي

پڊعيدن ( ن ع آ )  پڊعيدن ۾ شھري روڊن تي نڪري آيا، نصرت ڪئنال کان فاٽڪ تائين  انصاف راڄپر،  طالب راڄپر، عبدالحق پلهه، امدا ڪلهوڙو،  نويد اڄڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،  جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته تبديلي سرڪار جي حڪومت آئي آھي ته اٽو ، گيھه ، کنڊ، تيل مهانگو ٿي ويو آهي، غريب ماڻهو پيٽ پالي نه ٿا سگهن، اختياريون نوٽيس وٺي شيون سستيون ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.