هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي تڪراري پٽيشن تي ٻڌڻي

گلشن اقبال/سرجاڻي (نمائندا ) ايم ڪيو ايم جي ايم پي ايز خواجه اظھاراحسن طرفان سنڌ ھائي ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن نمبر2019/ 3016داخل ڪئي هئي ته ڪراچي جا ڊوميسائل شناختي ڪارڊ ۽  دائمي رهائشي سرٽيفيڪٽ سنڌين کي نه ڏنا وڃن. جنهن ڪيس ۾ ڪراچي جي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن جي قانوني واهر ڪندڙ نيشنل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جو صدر ممتاز بروهي انٽروينر / ڌر  بڻجي ڏاهي قانون دان امان الله شيخ سان ڱڏ پيش ٿيو. ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي اظھارالحسن جي وڪيل ڪورٽ سڳوري کي ٻڌايو ته اڄ اسان تياري ناهيون ڪري آيا ان ڪري اسان کي ٻئي تاريخ ڏني وڃي. هيڏانهن نيشنل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي سربراھ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هڪ تاريخ آھي ۽ تاريخي حقيقتن کان ۽ سنڌ جي مستقل باشندن اردو ڳالهائيندڙن ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ۾ ويڇا وجهڻ نفرتون ڦھلائڻ لاء ايم ڪيو ايم پاران اهڙي پٽيشن داخل ڪئي وئي آھي. ان موقعي تي ليکڪ ۽ ڪالم نگار سڪندر حافظ تنيو ۽ جسقم ڪراچي اوڀر جو صدر رضا هليو پڻ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ شريڪ ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.