سنڌ ۾ظلم جو شڪار عورت جي دانهن نٿي ٻڌي وڃي:حيدرآباد ۾ تقريب

حيدرآباد(رپورٽر) عورتن جي حقن لاءِ جاکوريندڙ اڳواڻن چيو آهي ته عورتن کي پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد کان روڪيو وڃي ٿو ڪا به عورت پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلم بابت شڪايت کڻي ٿاڻي تي وڃي ٿي ته ان جي دانهن سپاهي به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري حالتن ۽ زندگي کان مايوس ٿي ڪيتريون ئي عورتون خودڪشي ڪري ڇڏين ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هنن انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي جي آفيس حيدرآباد ۾ هيومن رائيٽس وومين ڊفينڊر حراسمينٽ جي حوالي سان ڪوٺاگل تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو ويو. تقريب ۾ ڳالهائيندي پشپا ڪماري. حسين مسرت شاهه. امداد چانڊيو. ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري. سهڻي جويو. واجد لغاري. شميم مري. صنم منگي. شهناز شيدي. سليم جروار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي شميم مري ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ عورتن جا خودڪشي جا ڪيترائي پيش اچن ٿا. پر رپورٽ نٿا ٿين. هن چيو ته عورت کي گهر مان نڪري پنهنجن حقن لاءِ وڙهڻ کان روڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان عورتون پنهنجي شڪايت کڻي ٿاڻي پهچون ٿيون ته پوليس جو سپاهي به اسان جي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي هوندو. اسان کي سوچڻ گهرجي ته آخر عورتن جي وڌندڙ قتل ۽ خودڪشين کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو. ان لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪرڻ جي ضروت آهي. امداد چانڊيو چيو ته عورتن کي وڏي ظلم جو نشانو بنايو وڃي ٿو. اسان وٽ عورت کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي. واجد لغاري چيو ته اسان جي معاشري ۾ عورتن جي حقن جي لاءِ جدوجهد  ڪندڙ تمام گهٽ عورتون سامهون نظر اچن ٿيون. هي جيڪي جدوجهد ڪن پيون انهن جو ريشو گهٽ آهي. اسان کي انهن عورتن جا هٿ مضبوط ڪرڻ جي ضروت آهي. سهڻي جويو چيو ته اسان وٽ قانون نه هجڻ برابر آهي اسان جڏهن ڪنهن مظلوم جي آواز بڻجڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته اسان جي آواز کي به دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. اسان جي عورت محفوظ ناهي. هن چيو ته اسان کي اهڙا ادارا ٺاهڻ جي ضرورت آهي. جنهن سان هراسميٽ  جي حوالي سان ٻارڙن کي ننڍپڻ کان اها تعليم تربيت ڏني وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ هاڻ عورتن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. جنهن جي ڪڙي نور چانڊئي جي فيملي آهي. اسان جي عورت آخر ڪئين محفوظ رهي سگهي ٿي حسين مسرت شاهه چيو ته هيومن ايڪشن فورم سالن کان عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ۾ آهي اتر سنڌ ۾ ايترا واقعا پيش اچن ٿا. عورتن کي قتل ڪري پاڻي لوڙهيو وڃي ٿو. جيڪي رپورٽ نه ٿا ٿين. هن چيو ته ننڍپڻ جي شادي جو سنڌ اسيمبلي قانون ته پاس ڪيو ويو آهي. پر ان تي عمل نٿو ٿئي. هن چيو ته ان قانون ۾ ترميم جي ضروت آهي اسان وٽ ننڍي عمر جي شادي ٿئي ٿي ته وري چيو وڃي ٿو رخستي نٿا ڪيون. هن چيو ته اسان وٽ جرڳا وڌي رهيا آهن. جڏهن ته ان خلاف قانون موجود آهي ته پوءِ به ڪيترائي جرگا رپورٽ ٿين پيا. هاڻ عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ کي نفرت سان ڏٺو ٿو وڃي. عورتن لاءِ جيتري قانون سازي ٿي آهي. ان تي عمل ڪرائڻ جي ضروت آهي. هن چيو ته اسان جي ڪورٽن ۾ عورتن جا ڪيس سالن تائين هلن پيا سزا نٿي ملي. ايڊووڪيٽ تبسم چيو ته اسان جي عورت ٿاڻي تي ايف آءِ آر ڪرائڻ لاءِ به وڏي تڪليف مان گذري ٿي. عورت ايڊووڪيٽ جا به حراسميٽ جا وقعا پيش اچن ٿا. هيومن رائٽس ڊفينڊر جي اڳوڻ ڪلثوم ڀٽي چيو ته اسان عورتن جا ڪيس کڻو ٿا ته اسان کي حراسان ڪيو وڃي ٿو. اسان پاڻ محفوظ ناهيون. ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري چيو ته وڏو ڪارڻ هي به آهي ته عورت پاڻ به مرد کي مضبوط سمجهي ٿي. هن چيو ته عورت لاءِ وڏو مسئلو غربت آهي اسان جي ملڪ ۾ جيڪي به قانون موجود آهن انهن قانونن کي ڪابه اهميت نٿي ڏني وڃي. اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان جي معاشري کي آگاهي ڏيڻ ۽ قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ وڪيلن. صحافين. سياسي سماجي اڳواڻ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.