سنڌ حڪومت ڪراچي واسين جو وڏو مسئلو حل ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان ڏکيائين کي منهن ڏيندڙ شهرين جو مسئلو حل ٿي ويو ۽ سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ وڏو قدم کڻي ورتو آهي.

سنڌ حڪومت جو چيني ۽ ترڪ ڪمپنين سان ڪراچي لاءِ 250 بسن جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي، معاهدي جي تقريب ۾ ترڪي، چين جي سفير ۽ سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرڪت ڪئي، جڏهن ته مختلف ملڪن جا نمائندا پڻ تقريب ۾ شريڪ هئا.

ان موقعي تي سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت انٽراسٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ جو معاهدو ڪري رهي آهي، وڏي وزير ۽ ٽرانسپورٽ کاتي منصوبي لاءِ رات ڏينهن محنت ڪئي.

هن چيو ته ڏکيون ترين حالتون آهن، ٽرانسپورٽ کاتي کي 8 ارب رپيا منصوبي لاءِ ڏنا ويا، بلاول ڀٽو ۽ مراد علي شاهه جي سپورٽ سان منصوبي جي شروعات ٿي چڪي آهي.

سندس چوڻ هو ته 250 انٽرا سٽي بسن جو اهو پهريون منصوبو آهي، ٻيو 150 بسن جو معاهدو به جلد شروع ڪري رهيا آهيون، ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پهريون هاڪاري قدم آهي، اڳتي ڪراچي سميت ٻين شهرن لاءِ به سفري سهولتون فراهم ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.