بلوچستان ۾ 85 ورهين جي شخص پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري ورتي

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) يونيورسٽي آف بلوچستان ۾ هڪ شخص 85 ورهين جي عمر ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري تاريخ لکي ڇڏي.

يونيورسٽي آف بلوچستان جي 18هين ڪانووڪيشن ۾ صورتحال ان وقت تبديل ٿي، جڏهن بلوچستان جو سڀ کان وڏي عمر جو پي ايڇ ڊي اسڪالر هيبت الله حليمي پنهنجي ڊگري وصول ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي پهتو.

هيبت الله حليمي 85 ورهين جي عمر ۾ سياست ۾ اعليٰ تعليم جي ڊگري حاصل ڪئي.

بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا وڏي عمر جي پي ايڇ ڊي اسڪالر کي ڀاڪر پاتو ۽ کيس ڊگري ڏني.

هيبت الله حليمي جو واسطو پوليس ڊپارٽمينٽ سان هو ۽ هو ڊي ايس پي جي عهدي تي رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.