جده يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ٽائٽس ۽ جينز پائڻ تي پابندي

 

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي جده يونيورسٽي شاگردن لاءِ نئون ڊريس ڪوڊ جاري ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب جده يونيورسٽي طرفان نئين ڊريس ڪوڊ ۾ ٽائٽس، شارٽ ٽرائوز ۽ ڦاٽل جينز پائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، اها پابندي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ٻنهي تي لاڳو هوندي.

يونيورسٽي انتظاميا طرفان جاري سرڪولر ۾ شاگردن کي مناسب لباس پائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته انتظاميا اعليٰ قيادت طرفان ملندڙ هدايتن کي ڏسندي اهو حڪم جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ شاگردن کي مناسب لباس پائڻ جو چيو ويو آهي ته جيئن سعودي ثقافت جي ڀڃڪڙي نه ڪن.

انتظاميا ڪيمپس ۾ ٽائٽس، شارٽس ۽ ڦاٽل جينز پائڻ تي وارننگ جاري ڪندي چيو آهي ته اهو لباس مناسب ناهي ۽ اها ڪيمپس جي رولز جي ڀڃڪڙي آهي.

هوڏانهن ڪجهه شاگردن يونيورسٽي جي اهڙي فيصلي جي مخالفت ڪندي ان کي شخصي آزادي جي خلاف قرار ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.