ڳڙهي ياسين ۽ ٽنڊو آدم ۾ به ڪشميرين سان ٻڌي طور ڪارو ڏينهن، ريليون

ڳڙهي ياسين ۽ ٽنڊو آدم ۾ به ڪشميرين سان ٻڌي طور ڪارو ڏينهن ملهائي ريليون ڪڍيون ويون، ڳڙھي ياسين ۾ تعلقا ايجوڪيشن آفيسر پرائمري فيميل آپا زڪيہ ڪريم پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي لاء ريلي ڪڍي وئي، گرلز پرائمري اسڪول ون ۾ ھيڊ مسٽريس نورجھان سومرو سميت ٽيچرس ۽ شاگردياڻين  پاران ڪشميرين سان ٻڌي طور ريلي ڪڍي وئي،  ان موقعي تي تعلقا ايجوڪيشن آفيسر پرائمري فيميل آپا زڪيہ ڪريم پٺاڻ چيو تہ اڄ 27 آڪٽوبر 1947 تي ڪشمير تي قبضو ڪيو ويوهو جيڪو اڄ تائين برقرار آهي، ٽنڊو آدم ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران والاريل ڪشمير تي ڀارت جي قبضي خلاف محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين اسسٽنٽ ڪمشنر غلام دستگير شيخ ، سي ايم او همايون عمران راجپوت ، ڊي ايس پي عطا محمد ڏاهري ، انجمن تاجران جي صدر اقبال ڀٽي، عبدالستار ، مظھر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪشمير پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آھي ، هنن گڏيل قومن کان گهر ڪئي ته ڪشميرين تي ڀارت جو ظلم بند ڪرائڻ سميت انهن کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي ۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.