تلهار:پ پ ايم پي اي الھه بخش ٽالپر جو ٽائون ڪميٽي جو دورو،هدايتون جاري

پ پ پ ايم پي اي مير الھه بخش ٽالپر ٽائون ڪميٽي تلھار پھچي نئين آيل ٽائون آفيسر کي سخت ھدايتون جاري ڪندي چيو ته مقدس نوانوي اسمن جي ٽاور کي في الفور تيار ڪري ساڳي جاءِ تي لڳرايو وڃي،جڏھن ته پبلڪ پارڪ ۾ لائٽنگ جي ناقص نظام کي تبديل ڪري سٺو بندوبست ڪيو وڃي ۽ ھر حاضر ملازمن جي پگهار جاري ڪئي وڃي،جيڪڏھن ڪو به ملازم ڊيوٽي دوران غير حاضر رھي ٿو ته ان جي پگھار بنا دير بند رکي وڃي، پ پ ايم پي اي مير الھبخش ٽالپر ٽائون آفيسر غلام اڪبر کي شھر ۾ ترقياتي ڪمن بابت جائزي وٺڻ جو چيو جڏھن ته رھجي ويل گھٽين جو به پهرين ڊسمبر کان ڪم فوري شروع ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا ،پ پ ايم پي اي مير الھبخش ٽالپر ٽائون ڪميٽي ۾ رٿيل اجلاس اندر ويٺل پ پ تعلقي قيادت ۽ شھرين آڏو ٽائون آفيسر کي ھدايتون ڏيندي چيو ته شھر ۾ صفائي سٿرائي ٽائون جو اولين ڪم ھئڻ گھرجي ۽ ٽائون جي کاتي مان ڪو به عام ماڻھو يا ملازم يا پارٽي ورڪر ئي ڀلي ڇو نه ھجي پر ٽائون مان پيٽرول وٺڻ جو ڪوئي حقدار ناھي، ان موقعي تي پ پ تعلقي صدر نياز محمد لاشاري،ٽائون آفيسر غلام اڪبر ڀنڀرو،پ پ يوٿ ضلعي نائب صدر پير محفوظ شاھ قادري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.