ٽنڊو محمد خان:صحت کاتي ۾آيل نوڪريون من پسندن کي ڏيڻ خلاف احتجاج

جيئي سنڌ محاذ ۽ انسان دوست ويلفيئر ٽرسٽ ٽنڊو محمد خان پاران صحت کاتي ۾ ايندڙ ڪرونا وئڪسين سينٽرن تي ضلعي ٽنڊو محمد خان کان ٻاھر جي ماڻھن ۽ من پسند ماڻهن کي ڊيلي ويجز نوڪرين جا  آڊر ڏيڻ خلاف پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان سامھون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.  20 آڪٽوبر تي ٿيندڙ انٽرويو ۾ صحت کاتي جي اڳوڻي آفيسرن، ڊاڪٽرن جي مٽن مائٽن ۽ سياسي شخصيتن جي آشيرواد سان ڊيلي ويجز نوڪرين جا آرڊر ڏنا ويا ، جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر زاھد جسڪاڻي،مختيار خاصخيلي،شاھنواز گورياڻي، انسان دوست ويلفيئر ٽرسٽ جي اڳواڻن بلاول سومرو، شاھد جسڪاڻي ۽ انٽرويو ڏيندڙ اميدوارن وزير علي سٺيو،محمد يعقوب ڪاتيار، ۽ سماجي اڳواڻن عنايت ڪنڀار،وحيد شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي سي ٽنڊو محمد خان جيڪو نگران سيٽ اپ ۾ آيل آھي سياسي شخصيتن جي آشيرواد سان ڪرپشن ڪرڻ ۾ ڏينھن رات مصروف آهي ،صحت کاتي ۾ ايندڙ نوڪريون من پسند ماڻهن کي ڏنيون ويون آهن ،ھنن چيو ته اسان ھائي ڪورٽ ۾ ڊي ايڇ او ۽ ڊي سي خلاف پٽيشن داخل ڪرائي انھن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.