نيوزيلينڊ خلاف ميچ جي هيرو آصف علي ڪاميابيءَ جو راز ٻڌائي ڇڏيو

 

شارجا (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ خلاف ميچ جي هيرو آصف علي ڪاميابيءَ جو راز ٻڌائي ڇڏيو.

ڪيويز خلاف ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ آصف علي جارحاڻي بيٽنگ ڪندي پاڪستان جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ان حوالي سان هن ٻڌايو ته جڏهن ميدان ۾ بيٽنگ لاءِ وڃي رهيو هيس ته اهو ئي ذهن ۾ هو ته نيوزيلينڊ کي هر صورت ۾ هارائڻو آهي، ڀارت جيان انهن خلاف به ميچ کٽڻ ضروري هئي.

سندس موجب ڪريز تي شعيب ڀاءَ ٻڌايو ته اڄ تنهن جو ڏينهن آهي ۽ هدايت ڪئي ته سامهون کيڏجان، ٻئي پاسي شاٽ نه کيڏجان، ٻاهر ويهي به اندازو ٿي ويو هو ته بال هيٺ ٿو رهي.

آصف علي چيو ته شعيب ملڪ جي ڳالهه سان وڌيڪ ذهن سازي ٿي وئي، سلو ون تي ڇڪو هڻڻ ڏکيو هوندو آهي، منهنجي خيال ۾ اها شاٽ سڀني کان يادگار آهي.

هن ٻڌايو ته جڏهن بال مٿي ۾ لڳو ته همت نه هارائي ۽ اهو ئي سوچي رهيو هيس ته ميچ کٽي ٻاهر وڃڻو آهي، الله جو شڪر آهي ته ميچ کٽي ٻاهر آيس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.