سکر:آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن پاران غلطين سبب ناپاس ڪرڻ خلاف احتجاج

آءِ بي اي پاران استادن جي ڀرتين واري ٽيسٽ ۾ غلطين بابت  ويريفڪيشن لاءِ پهتل اميدوارن  پاران آءِ بي اي سکر ٻاهران  احتجاج  ڪيو ويو ، شاگردن پاڻ سان گڏ غلط جوابن جي نشاندهي واريون پڻ آنديون ۽آءِ بي اي يونيورسٽي جي گيٽ تي ڌرڻو ھڻي  ويھي رھيا ، شاگردن موجب ته  آء بي اي  سکر جيڪا استادن جي ڀرتي واري ٽيسٽ ورتي انھن جي پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي وارن سوالن جي جوابن ۾ ڪافي غلطيون ھيون جنهن سبب اسان جون مارڪون 55 مان گھٽ ٿيون آھن ۽ اسان جي مطابق اھي سوالن جا جواب بلڪل صحي آھن پر پوء به  آء بي اي سکر ان کي مڃڻ لاء تيار نه  آھي جڏهن ته تعليم جو منسٽر سيد سردار شاھ پنهنجي ڪانفرنس ۾ واضح ڪري چڪو آهي ته جيڪڏهن اوھان وٽ پروف آھن ته کڻي اچو اسان جڏهن اھي پروف کڻي آء  بي اي  پھتا آھيون ته ٺلهو آسرو ڏئي واپس ڪيو پيو وڃي، احتجاج ڪندڙ اميدوارن ۾ حسن زنگيجو، صدام جوڻيجو ،حيات کهاوڙ، فياض احمد ۽ ٻيا شامل هئا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.