والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي آبادڪاري تي آمريڪا کي ڪاوڙ

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا والاريل فسلطيني علائقن ۾ اسرائيلي آبادڪاريءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي کاتي والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي آبادڪاري جي سلسلي ۾ جاري ڪم جي سخت مذمت ڪئي آهي.

ترجمان نيڊ پرائس موجب نون منصوبن تي آمريڪا کي سخت خدشا آهن ۽ ان سان ان تڪرار جي ٻه رياستي حل جون ڪوششون متاثر ٿينديون.

واضح رهي ته اسرائيل اولهه ڪناري ۾ وڌيڪ 1300 گهر اڏي رهيو آهي، اِهو اُهي علائقا آهن، جيڪو مستقبل ۾ جيڪڏهن معاملا ٻه رياستي حل ڏانهن ويا ته فلسطين جي حصي ۾ ايندا، جڏهن ته آمريڪا جي اهڙن منصوبن تي تنقيد غير امڪاني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.