نيوزيلينڊ جي شڪست تي اسٽيڊيم ۾ ”سيڪيورٽي سيڪيورٽي“ جا نعرا

 

شارجا (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ دوران ۽ ان کانپوءِ به ميدان ۾ ”سيڪيورٽي سيڪيورٽي“ جا نعرا گونجندا رهيا.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ گذريل رات قومي ٽيم نيوزيلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پاڪستاني عوام کي هڪ ٻي وڏي خوشي ڏني.

سيڪيورٽي خدشن جو جواز ڄاڻائي پاڪستان جو دورو ختم ڪندڙ نيوزيلينڊ جي ٽيم تي پاڪستاني شوقين ميچ کان اڳ ئي ڏمريل هئا ۽ اهي سوشل ميڊيا تي ڪيويز بابت مختلف ميمز ٺاهي رهيا هئا، جڏهن ته ميچ دوران صورتحال ان وقت دلچسپ ٿي هئي، جڏهن اسٽيڊيم ۾ موجود شوقينن نيوزيلينڊ جي شڪست تي ”سيڪيورٽي سيڪيورٽي“ جا نعرا هنيا.

رڳو اسٽيڊيم ئي نه پر سوشل ميڊيا تي به واهپيدار نيوزيلينڊ جي ٽيم تي طنز ڪري رهيا آهن ته هاڻ سيڪيورٽي جو مسئلو حل ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.