ڄامشورو: ٽرانسپورٽرن جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف 6 هين ڏينهن به احتجاج جاري

ٽرانسپورٽرن جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف ٽرانسپورٽرن پاران قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ ڇهين ڏينهن به جاري رهي، ايندڙ جمعي جي ڏينهن ايم نائين موٽر وي تي جمعي نماز پڙهڻ ۽ ڌرڻي جو چتاءۡ ڏنو ويو، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ ٽرانسپورٽرن کي رليف نه ڏيڻ خلاف ايسوسيئشن آف رائيٽ اينڊ ڊولپمينٽ فار ٽرانسپورٽ سنڌ جي سڏ تي ڄامشورو ۾ شريف بگٽي, مهراب کوسو, گلزار پٺاڻ, اسحاق بگٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قائم ڪيل احتجاجي قائم ڇهين ڏينهن به جاري رهي جنهن ۾ هزارين ٽرڪون ۽ ڊمبر بيهاري وقفي وقفي سان تقريرون ۽ نعريبازي ڪئي وئي, ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ سنڌ ۾ ٽرانسپورٽرن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ کي اڄ ڇهون ڏينهن آهي پر هينئر تائين ڪنهن به حڪومتي نمائندي توڙي ضلعي انتظاميا طرفان اسان جي احتجاج تي ڌيان نه ڏنو ويو آهي ،هنن چتاءُ ڏنو ته ڊيزل, ٽائرن, اسپئر پارٽس ۽ ٻين شين جي ريٽن ۾ گهٽتائي نه ڪئي وئي ۽ ڄامشورو ۽  ٽنڊو ڄام ٽول پلازه ۽ ڪانٽي مالڪن پاران ناجائزيون بند  نه ٿيون ته جمعي جي ڏينهن ايم-9 موٽر وي بلاڪ ڪري جمعي نماز ادا ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.