حيدرآباد:هيومن رائيٽس وومين ڊفينڊر حراسمينٽ جي حوالي سان ويهڪ

حيدرآباد:انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي آفيس حيدرآباد ۾ هيومن رائيٽس وومين ڊفينڊر حراسمينٽ جي حوالي سان ويهڪ ڪوٺائي وئي. ويهڪ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ،صحافين ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي،ان موقعي تي ايڇ آر سي پي جي حيدرآباد ريجن جي ڪوآرڊينيٽر امداد چانڊيو. پشپا ڪماري. حسين مسرت شاهه. ايڊوڪيٽ محب آزاد لغاري. سهڻي جويو. واجد لغاري. شميم مري. صنم منگي. شهناز شيدي. سليم جروار ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ عورتن جا آپگهات جا ڪيترائي واقعا پيش اچن ٿا پر رپورٽ نٿا ٿين. هن چيو ته عورت کي گهر مان نڪري پنهنجن حقن لاءِ وڙهڻ کان روڪيو وڃي ٿو. هنن چيو ته اسان عورتون پنهنجي شڪايت کڻي ٿاڻي پهچون ٿيون ته پوليس جو سپاهي به اسان جي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي هوندو. هنن چيو ته  اسان کي سوچڻ گهرجي ته آخر عورتن جي وڌندڙ قتل ۽ خودڪشين کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿي هنن چيو ته اسان کي ڀرپور جدوجهد ڪرڻ جي ضروت آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.