آريان کي گرفتار ڪندڙ آفيسر جي مذهب تي تڪرار، هندو يا مسلمان؟

منشيات ڪيس ۾ شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان کي گرفتار ڪندڙ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) جي آفيسر سمير واکينڊي جي مذهب بابت تڪرار ڀارتي ميڊيا ۾ بحت هيٺ آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هڪ مقامي قاضي مزمل احمد دعويٰ ڪئي آهي ته هن سمير واکينڊي جو نڪاح پڙهايو هو جڏهن ته نڪاح جي وقت سمير واکينڊي ۽ ان جي پهرين گهرواري ٻئي مسلمان هئا.

ڀارتي ميڊيا موجب قاضي مزمل احمد رياست مهاراشٽرا جي وزير نواب ملڪ طرفان ٽوئيٽر تي شيئر ڪيل نڪاح نامي کي درست قرار ڏنو جنهن ۾ نواب ملڪ دعويٰ ڪئي آهي ته اهو نڪاح نامو سمير واکينڊي جو آهي.

قاضي مزمل احمد پنهنجي دعويٰ ۾ چيو آهي سمير واکينڊي جو نڪاح 2006 ۾ ٿيو هو جنهن ۾ ڪيترين ئي بااثر شخصيتن شرڪت ڪئي هئي جڏهن ته انهن جي شادي مڪمل اسلامي رسمن تحت ٿي هئي.

ياد رهي ته ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي وزير نواب ملڪ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته سمير واکينڊي مذهب تبديل ڪري مسلمان ٿي چڪو آهي.

ٻئي پاسي سمير واکينڊي انهن سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ان جي خواهش هئي ته شادي اسلامي رسمن تحت ٿئي.

سمير واکينڊي موجب سندس پيءُ جو تعلق هندو مذهب سان هو جيتوڻيڪ سندس ماءُ مسلمان هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.