جيل ۾ قيد پُٽ کي نظربند ڪرڻ جو فيصلو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) منشيات ڪيس ۾ گرفتار شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان کي شاهه رخ خان ۽ گوري طرفان آزادي ملڻ کانپوءِ گهر ۾ ئي نظربند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

آريان خان جي ضمانت واري درخواست اڄ ئي هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي رهي آهي جنهن جي حوالي سان ڀارتي ميڊيا رپورٽ جاري ڪئي آهي.

رپورٽ موجب جيڪڏهن اڄ آريان خان جي ضمانت واري درخواست جي فيصلي ۾ آريان خان کي جيل مان آزادي ملي وڃي ٿي ته شاهه رخ ۽ گوري پنهنجي پُٽ کي ڪجهه مهينن تائين گهر ۾ نظربند ئي رکندا.

آريان کي نظربند ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن به پارٽي ۾ شرڪت ۽ دوستن سان رات دير تائين ويهڻ جي اجازت نه هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.