ورلڊ ڪپ: پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

 

شارجا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي ٻي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ نيوزيلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

شارجا ۾ نيوزيلينڊ طرفان مليل 135 رنسن جو هدف پاڪستان 18.4 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو.

پاڪستان جون 87 رنسن تي 5 وڪيٽون ڪِري پيون، محمد رضوان 33، ڪپتان بابر اعظم 9، فخر زمان ۽ محمد حفيظ 11-11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

ان موقعي تي شعيب ملڪ ۽ آصف علي جارحاڻي بيٽنگ ڪندي آخر تائين وڌيڪ ڪا به وڪيٽ ڪِرڻ نه ڏني ۽ پاڪستان کي اهم ڪاميابي ڏياري ڇڏي.

شعيب ملڪ 20 بالن تي 26 ۽ آصف علي 12 بالن تي 27 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏيندي ڪيوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهيون.

نيوزيلينڊ طرفان ڪونوي ۽ مچل 27-27 رنسن سان اڳڀرا رهيا،جڏهن ته ڪپتان ڪين وليمسن 25، مارٽن گپٽل 17، گلين فلپ 13 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان حارث رئوف بهترين بالنگ ڪندي 4 اوورن ۾ 22 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.