آريان ۽ اننيا جي چيٽ ليڪ، اهم انڪشاف

منشيات ڪيس ۾ گرفتار آريان خان ۽ اداڪارا اننيا پانڊي جي هڪ ٻئي چيٽ ليڪ ٿي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا جي موجب سامهون ايندڙ نئين چيٽ ۾ اسٽار ڪڊز ڀنگ سميت ٻئي منشيات بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

واٽس ايپ چيٽ ۾ آريان هڪ اچيت ڪمار نالي شخص کان وڏي انگ ۾ منشيات خريد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ 80 هزار ڀارتي رپين جي ڀنگ گهرائي.

ميڊيا رپورٽ ۾ ٻئي چيٽ بابت انڪشاف ڪيو ويو آهي جيڪا ٻه سال اڳ جولاءِ 2019 جي چيٽ آهي، ان چيٽ ۾ آريان خان ۽ اننيا پانڊي مبينا طور منشيات بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيٽ ۾ ڀنگ جو ذڪر به ڪيو.

ليڪ ٿيل پهرين چيٽ

آريان خان: ويڊ

اننيا پانڊي: اها اڄڪلهه ڊمانڊ ۾ آهي.

آريان: مان توهان کان اها رازداري ۾ وٺندس.

اننيا: ٺيڪ آهي

ٻئي چيٽ

اننيا: هاڻي مان ان ڪاروبار جو حصو آهيان.

آريان: تون ڀنگ کڻي آئي آهين؟

آريان: اننيا؟

اننيا: مون آندي آهي.

رپورٽن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته 18 مئي 2021 تي ٿيندڙ هڪ ٻئي چيٽ ۾ آريان خان پنهنجي وڌيڪ ٻن دوستن سان گڏ ڪوڪين جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو تي ٽوڪ ڪئي.

آريان: هلو، سڀاڻي ڪوڪين وٺنداسين

آريان دوستن کي اين سي بي جو نالو کڻي ڌمڪي به ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.