ڪراچي وارن کي ڪرنٽ، نيپرا بجلي مهانگي ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي.

نيپرا 2 سيپٽمبر 2021 تي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ تي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ جي جولاءِ جي ايف سي اي جي مد ۾ 69 پئسا في يونٽ بجلي ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، جيڪا رڳو نومبر جي مهيني جي بلن تي لاڳو ٿيندي.

نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمت ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ جي سڀني واهپيدارن تي سواءِ لائف لائن واهپيدارن جي لاڳو ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.