ايئرپورٽ کي کنڊر بڻايو ويو آهي، اتي به شادي هال ٺاهي ڇڏيو: سپريم ڪورٽ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ايئرپورٽ جي ڀرپاسي شادي هال هلائڻ تي ڊي جي سول ايشن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سول ايوي ايشن کي الاٽ زمين ڪنهن ٻئي کي الاٽ ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ڊي جي سول ايوي ايشن عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت ڊي جي کان پڇاڻو ڪيو ته اڳ واري زمين جو ڇا ٿيو جو هاڻ وري زمين وٺڻ چاهيو ٿا؟ اڳ واري زمين تي شادي هال هلي رهيا آهن، ڇا توهان جو ڪم شادي هال هلائڻ آهي؟ پوءِ توهان ايئرپورٽ تي به شادي هال ٺاهي ڇڏيو، سڄي ڪراچي ايئرپورٽ کي کنڊر بڻايو ويو آهي.

عدالت ڊي جي سول ايوي ايشن کي مخاطب ٿيندي چيو ته واحد توهان آهيو جيڪي رات جو جهاز اڏائيندا آهيو، ڪنهن مهذب ملڪ ۾ ائين ناهي ٿيندو ته رات جو جهاز اڏايو وڃي، ماڻهو ننڊ پيل هوندا آهن ۽ توهان جهاز انهن جي مٿان اڏائيندا آهيو، ڇا ماڻهن کي ننڊ ناهي ڪرڻي؟

چيف جسٽس آف پاڪستان ڊي جي سول ايوي ايشن کان پڇاڻو ڪيو ته ڪو نئون ايئرپورٽ ٺهي رهيو آهي؟ جنهن تي ڊي جي ٻڌايو ته نه، ڪارگو لاءِ نئون ٽرمينل ٺهي رهيو آهي، چيف جسٽس چيو توهان وٽ ته رن وي ناهي.

عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو شادي هال هلائي رهيا آهيو، سڀاڻي ڪسينو ۽ نائيٽ ڪلب به کولي ڇڏيو، دنيا به ڪنهن به ايئرپورٽ هليا وڃن، هيٿرو ايئرپورٽ هليا وڃو ڪٿي به شال هال ناهن.

چيف جسٽس چيو اها زمين توهان کي شادي هال هلائڻ لاءِ نه ايئرپورٽ هلائڻ لاءِ ڏني وئي آهي، ايوي ايشن وٽ سڄي ملڪ ۾ جيتري زمين آهي، اها ايئرپورٽ لاءِ ئي استعمال ڪئي ويندي، سول ايوي ايشن کي الاٽ زمين تي شادي هال يا ٻي ڪنهن سرگرمي جي اجازت ناهي.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي سول ايوي ايشن کي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ ڊي جي ايف آءِ اي سان گڏ طلب ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.