رسول آبادگرلز اسڪول زبون، چاپڙ ڪرڻ معمول ، نياڻين تعليم ڇڏي ڏني

محرابپور ( ن ع )محرابپور ڀرسان سنڌ جو قديم شھر رسول آباد گرلز اسڪول جي بلڊنگ ٺيڪيدار جي عدم دلچسپي سبب زبون حالت ۾ آچي وئي آھي گرلز اسڪول جي ڇت جا چاپر ڪرڻ ڪري وقت به وقت پڙھندڙ شاگردياڻيون زخمي ٿي تعليم اڌ ۾ ڇڏي گھر جي ڪم ڪار ۾ لڳي ويون اسڪول کنڊ رات ۾ تبديل ٿي  ويو آھي رسول آباد گرلز اسڪول جي ھيڊ ماستر آپا ناظمين ميمڻ سنڌي نيوز چئنل کي ٻڌايو ته نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاء پنھنجي پگھار جو ڪجھ حصو خرچ ڪري اسڪول جي بلڊنگ کي نياڻين جي تعليم کي بحال ڪري رھي آھيان تعليم جي وزير بالا آفيسرن کي اسڪول جي زبون حالت بابت آگاھي ڏني آھي پر ڪوبه تدارڪ نه ٿو ٿئي برساتن ۾ اسڪول جون ڇتون وھن ٿيون پاڻي نيڪال نه پيو ٿئي فرش ناھي ٺھيل ليٽرين وٽ ايترا ته وڏا کڏا آھن جو ڪافي وقت کان بند پيا آھن اسڪول جي ڀت مٿان غير قانوني ڀت ٺھي وئي آھي ڪوبه تعليم جو بالا آفيسر ٻڌڻ لاء تيار نه انھي پوزيشن پڙھندڙ شاگردياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشڪل ٿي وئي آھي ھنن وزير تعليم ۽ اعلا عملدارن کي اپيل ڪئي ته گرلز اسڪول جا بنيادي مسئلا حل ڪري نياڻين ۾ تعليم عام ڪئي وڃي .

چيلهار ۾ اسڪولي عمارت جو ناقص ڪم، احتجاج

چيلھار ( ن ع آ ) چيلھار جي گورمينٽ پرائمري راساڻي ڪالوني اسڪول جي نئين بلڊنگ ٺاھڻ وارو ڪم آيو ھو جيڪا ڪُجھ وقت اڳ ٺيڪيدار شروع ڪيو ھو جنھن ۾ ناقص مٽريل استعمال ڪري ڇڏيو آھي ناقص مٽريل استعمال ڪرڻ سبب نئين بلڊنگ جي ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا آھن ڏار پوڻ ڪري سموري بلڊنگ ڪريڪ بڻجي رھي آھي اسڪول جي بلڊنگ جي اھڙي صورتحال ڏسي شاگردن جي والدين جيتيش ڪمار لو ڪمار ۽ ٻين احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙن اعلي اختيارين سنڌ ھاء ڪورٽ سيشن جج ٿرپارڪر سنڌ حڪومت کان گُھر ڪئي ته بلڊنگ جي ڪم ۾ ناقص مٽريل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي ڪري بلڊنگ جو سمورو ڪم نئين سر ڪرائي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

”لائبريري ڏيو“ اڏيري لال ۾ احتجاجي مظاهرو

اڏيرولال (ن ع آ) اوڏيرولال اسٽيشن ۾ پبلڪ لائبريري لاءِ نوجوانن جو احتجاجي مظاهرو  رئيس الهه بخش چوڪ تي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙنوجوانن اعجاز خشڪ منٺار خشڪ ,نزاڪت ساهوال ,علي زرداري ۽ ٻين چيو ته شهر ۾پبلڪ  لائبريري نه ھجڻ سبب نوجوان غلط صحبت ۾ اچي برائين طرف راغب ٿي وياآهن اسان ڊي سي مٽياري سميت بالا آفيسرن کي لائبريري  قائم ڪرڻ لاهي  درخواستن پن ڪيون آهن پر ڪير به ٻڌڻ لاهي تيار ناهي انهن چيو ته اسان جا چونڊيل نمائينده ۽ ڪاموره لائبريري جي حوالي سان  اسان جي شهر کي نظر انداز ڪري  نوجوانن کان لکڻ پڙهڻ جو حق کسي رهيا آهن .انهن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  فوري طور اڏيرولعل اسٽيشن شهر ۾ پبلڪ لائبريري ڏئي ڪري  نوجوان کي غلط معاشري ۾ داخل ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.